SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پورهيتن جي بين الاقوامي برادري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پورهيتن جي بين الاقوامي برادري

IWA International Workingmen’s Association

انٽرنيشنل ورڪنگ مينس ايسسوسيئيشن

1864کان 1876ع تائين ’فرسٽ انٽرنيشنل‘ جي نالي سان مشهور کاٻي ڌر جي سام- واد ،سماج- واد ۽ نراج- واد جي نظرين ۾ ڀروسو رکندڙ مزدور يونين ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندڙ پورهيت تنظيمن تي جُڙيل هي برادري سڄي دنيا ۾ نهايت اثرائتو فورم رهيو آهي . 1864ع ۾ لنڊن شهر جي سينٽ مارٽن هال ۾ قائم ڪيل هن تنظيم جي پهرين ڪانگريس 1866ع سئٽزرلئنڊ جي راڄڌاني جنيوا ۾ ڪوٺائي وئي ۽ مستند رڪارڊ موجب ان جي ميمبرن جو اَنگ 80 لک هو. هن تنظيم مزدورن جي حقن جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ فرانس جي شهر لوزين (1867ع) ، بروسيلز (1868ع) ، باسل (1869ع) ۽ هيگ (1872ع) ۾ زبردست ڪانگريسون ٿي گذريون . 1876ع ۾ ’فليڊيلفيا‘ ڪانفرنس کان پوءِ هن تنظيم جو خاتمو ٿيو ۽ سندس جاءِ تي ’ سيڪنڊ انٽرنيشنل‘ جنم ورتو . اڳتي هلي ’انٽرنيشنلس‘ جي غير متحرڪ ٿيڻ ڪري ، ان جي تسلسل طور 1922ع ۾ جرمنيءَ جي شهر برلن ۾ (IWA) International Workmen s Association وجود ۾ آئي ، جيڪا اڄ تائين قائم ۽ متحرڪ آهي


Remember Me Also:

چاندن هار

ذ. هڪ ڳَههَ جو قسم ، چَندن هارُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal